سکر بئراج جو دروازو ڪرڻ


 سکر بئراج جو دروازو ڪرڻ تي سنڌ واسين جي ڳڻتي جائز آهي. 90 سال اڳ اهو بئراج ڪميشن ٿيو ۽ دنيا جي وڏن آبپاشي نظامن مان هڪ آهي. وقت بوقت بئراج سان فني مسئلا ٿيندا رهيا آهن ۽ انهن کي انجنيئر حل ڪندا رهيا آهن. پاڻيءَ جي وهڪرن جي ماڊلنگ ڪيڏي به پرفيڪٽ هجي ت بِ وهڪرن ۾ ايندڙ تبديليون، موسمي اثرن ۽ لَٽ جي نوعيت ۾ ايندڙ تبديلين سان ڪيترائي نوان مسئلا اڀرندا رهندا. ايڏي وڏي آبپاشي سرشتي ۽ بئراج جهڙي اسٽرڪچر ۾ مسئلا پيش اچڻ نارمل ڳالھ آھي. البت بئراج ۾ اهڙا مسئلا جڏهن بنا اڳواٽ چتاءَ جي حادثي جيان پيش اچن ته ان ۾ انساني لاپرواهيءَ کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. هن وقت درياھ ۾ وهڪرو به تمام گهٽ آهي ۽پاڻيءَ جو دٻاءُ ان واقعي جو ڪارڻ نه ٿو ٿي سگهي. هن واقعي بابت جيستائين ڪا فني جاچ رپورٽ سامهون اچي تيستائين سوئيپنگ مارڪس ڏيڻ کان پاسو ڪندي مان رڳو ڪجهه سوال سوچڻ ۽ بحث ڪرڻ لاءِ اڳيان رکان ٿو.

1. بئراج اسٽرڪچر جي معمول واري انسپيڪشن ۾ دروازن جي صحت کي ڪيتري تفصيل ۾ جانچيو ويندو آهي؟

2. ان انسپيڪشن ۾ رڳو اکين سان سامهون نظر ايندڙ صورتحال تي دارومدار هوندو آهي يا ان لاءِ ڪا چڪاس اوزارن وسيلي به ڪئي ويندي آهي. ائين جيئن ڪو حڪيم رڳو نبض تپاسي بيماري ڳوليندو آهي ته ڪي مرض وري رڳو ليبارٽريءَ جي چڪاس وسيلي سامهون ايندا آهن.

3. سياري ۾ جڏهن دريائي وهڪرا گهٽ هوندا آهن ۽ واهن ۾ وهڪرو بند هوندو آهي ان وقت نه رڳو واهن جي کاتي ٿيندي آهي پر بئراجن، واهن ۽ شاخن تي لڳل اسٽرڪچرس جي به چڪاس ٿيندي آهي. ڇا گذريل ڊسمبر ۾ چڪاس دوران ڪنهن اهڙي ممڪنه صورتحال جي نشاندهي ٿي هئي؟ جي ها ته ان تي ڪهڙو سيڪشن ٿيو؟

4. ڇا چيف انجنيئر ۽ بئراج ٻيا اهم آفيسر بئراج جي چڪاس جي ايس او پيز بابت پوري ڄاڻ رکن ٿا ۽ ان تي عمل ڪندا رهيا آهن؟ جڏهن بئراج جي حالت سٺي نه هجڻ سب. ان جي بحاليءَ جي هڪ وڏي رٿا هلندڙ آهي ته ان صورتحال ۾ ته وڌيڪ نظرداريءَ جي ضرورت آهي

5. ڇا آفيسرن جي مقررين ۽ بدلين جي تيزرفتاري ان حادثي جو هڪ محرڪ ٿي سگهي ٿي ڇو ته گهٽ مدي تائين مقرريءَ ۾ آفيسرن کي بئراج جا معاملا سمجهڻ جيتري مهلت به نه ملندي هوندي

6. هن هنگامي صورتحال کانپوءِ ڇا سکر سميت باقي سمورن بئراجن جي دروازن جي ماهرن کان چڪاس ڪرائي پئي وڃي؟ مٿان چوماسي جا مينهن ۽ وڏا وهڪرا اچڻ جا امڪان آهن، ان لاءِ ان چڪاس جي شديد ضرورت آهي

Comments

Popular Posts