Coffer Dam







 سکر بئراج جو لڙهي ويل 47هون دروازو جتي هاڻي عارضي بند يعني ڪافر ڊيم (coffer dam) ٻڌي پاڻيءَ جي وهڪري کي روڪي ڪيسن گيٽ Caisson gate يعني عارضي طور هڪ هنڌ بيٺل گيٽ لڳائي صورتحال کي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي. هڪ لک ڪيوسڪ جي هلندڙ وهڪري ۾ اهڙو انتظام ڪرڻ انجنيئرنگ جي لحاظ کان ڏکيو ڪم آهي. ان مقصد لاءِ رائيس ڪينال جي تازو ڪيل کاٽيءَ واري لٽَ کي هڪ ٽن (هزار ڪلو گرام) وارن ٻورن ۾ ڀري ان کي ڪرينن وسيلي کڻي اهو بند ٻَڌو ويو آهي. اهو ڪو ننڍو بند نه پر 60 فوٽ ويڪرو ۽ 30 فوٽ اونهو بند آهي جنهن ۾ اٽڪل 3250 لَٽ جا ٻورا ترتيب سان هڪ ٻئي مٿان رکيا ويا. اهو ڪافي اوکو ڪم آهي. مقامي ملاحن ان بند ٻڌڻ ۾ واکاڻ جوڳو ڪم ڪيو آهي. آبپاشي کاتي صورتحال کي توقع کان اڳ سنڀالي ورتو. تنهن هوندي بِ اڃا واهن ۾ پاڻيءَ جو مڪمل وهڪرو بحال ناهي ٿيو. نئون گيٽ ٺهڻ ۽ لڳڻ ۾ اڃا ڪجهه ڏينهن گهربل آهن.

مٿان چوماسي جا مينهن ۽ وهڪرا اچي رهيا آهن. ڳڻتي گهَٽ ٿي آهي پر مڪمل طور ٽَري ناهي. 47هون دروازو لڙهڻ کان پوءِ پاڻيءَ جي سطح (پانڊ ليول) ۾ آندل لاٿ سان پتو پيو ته پنج ٻين دروازن، نمبر 46, 48, 52, 53 ۽ 54 کي به مرمت جي ضرورت آهي ڇو ته انهن جي گرڊرن ۾ ڏار ڏٺا ويا آهن. انهن دروازن کي هنگامي بنيادن تي ٺيڪ ڪيو ويو آهي. مجموعي طور اسٽرڪچر سٺي صحت ۾ ناهي. اڳيان ايندڙ مينهن ۽ ٻوڏ وارا ٻَ مهينا آزمائش وارا آهن.

Comments

Popular Posts