Sain GM Syed 17 January 2025
بیٺڪیتي ۽ مذھبي ردِ تشڪیل ۽ جي ایم سید جو پیغامِ سنڌ!
جامي چانڊیو
(روزاني ڪاوش حیدرآباد)
دنیا ۾ ھر ڦورو ۽ آپیشاھي قوت پنھنجي ناجائز مفادن جي بقا لاءِ پنھنجي ناحق جواز جي حق ۾ ڪڏھن اعلانیہ تہ ڪڏھن غیر اعلانیہ طور ھڪڙا غلط ۽ گمراھ ڪندڙ نقطہ نظر تشڪیل ڪندي رھندي آھي. جنھن کي اڄ ڪلھ جي ساختیاتي ٻوليءَ ۾ “بیانیو” چیو وڃي ٿو. اھو تصور فرینچ نقاد ۽ مفڪر رولان بارٿ جي معنوي تنقیدي نظریي کان پوءِ خاص طور ستر جي ڏھاڪي کان وڌیڪ مقبول ٿیو. دراصل حڪمران طبقا یا ناجائز مفادن جا سیاسي، سماجي، معاشي ۽ ثقافتي تاڃي پیٽا پنھنجي ناجائز مفادن جي ترجمان “بیانین” کان سواءِ رڳو ڏنڊي یا ٻي ڪنھن بہ سگھ جي بنیاد تي ڊگھو وقت جٽاءُ نہ ٿا ڪري سگھن, انڪري ھر ٺَڳيءَ جي ٺاھَ کي ڪي نہ ڪي گمراھ ڪندڙ مفروضا، ڪوڙا فڪري بنیاد, ڪُوڙیون امیدون ۽ ناٽڪي نقطہ نظر جوڙڻا پوندا آھن, جن جي تَھن ۾ لڪیل رھزن معنویت, عام سمجھ وقتي طور ۽ ڪن پیچیدہ معاملن ۾ زمانن تائین انکي سمجھي ناھي سگھندي. جیتوڻیڪ پس و پیش اھو ڪم تاریخ، اجتمائي تجربا ۽ معروضي نتیجا ئي ڪندا آھن پر ان عبوري دور ۾ اھو ڪم ڏاھن، سُونھن ۽ سالڪن جو ھوندو آھي تہ اُھي انھن گمراھ ڪندڙ بیانین جا بکیا اُڊیڙین. سنڌ ۾ ڪن مخصوص حوالن سان اھو ڪم ویھین صديءَ جي پوئین اَڌَ ۾ سائین جي ایم سید بہ ڪیو. ھن مضمون ۾ مان سندس اھا پرک ٽن پر بنیادی ۽ اھم حوالن سان ڪندس. سائین جي ایم سید جیئن تہ پاڻ بہ انھن ٽنھي حوالن سان تلخ ۽ غلط تجربن مان ٿي آیو ھو انڪري ھن کي انجو اطلاقي ادراڪ بہ ھو تہ انھن جا نتیجا ڪھڙا نڪری رھیا ھئا ۽ وڌیڪ نڪري سگھیا ٿي. مان ھتي انھن ٽنھي پاسن تي جدا جدا روشني وجھڻ چاھیندس تہ جیئن ڳالھیون وڌیڪ چِٽیون ٿي بیھن.
1) ننڍي کنڊ ۾ بیٺڪیتي دور لڳ ڀڳ ٻہ صدیون سڌيءَ ریت ھلیو. بیٺڪیتي قوتون ٻین گھڻین شین سان گڏ مقامیت کي ڪاپاري ڌَڪُ ھڻندیون آھن. اھو ڪاپاري ڌَڪُ رڳو سیاسي، معاشي ۽ ثقافتي ناھي ھوندو پر ان ۾ مقامي تاریخ کي مسخ ڪرڻ, مقامي تاریخي ورثي جي نامیاتي یادگیريءَ کي عوام جي گڏیل شعور مان میسارڻ, مقامي عوامي تاریخیت جي علامتن کي ڊاھڻ, بیٺڪیتي راڄ جي جٽاءَ لاءِ نوان بیٺڪیتي رول ماڊل اُڀارڻ، مقامي ٻولي ۽ انجي لوڪ ورثي کي پنھنجي ٻوليءَ جي اطلاق ۽ واھپي سان وڌیڪ اھم بڻائي غیر اعلانیہ طور ثانوي ڪري ڇڏڻ، مقامي سُڃاڻپ کي تاریخ جي زندھ عوامي حقیقت بجاءِ عملي طور خصیص ڪري ڇڏڻ ۽ مجموئي طور مقامي آبادین ۾ احساسِ ڪمتري پیدا ڪرڻ بیٺڪیتي منصوبي جا سڌا ۽ اڻ سڌا محرڪ ھوندا آھن. جیتوڻیڪ انگریزن پنجاب جي ابتڙ سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي فروغ ڏنو پر باقي سڌي ۽ اڻ سڌيءَ ریت اُھي سڀ ڪم ڪیا جیڪي بیٺڪیتي قوتون ھرھنڌ ڪندیون آھن. سنڌ ۾ ورھاڱي کان پوءِ ان جي ردِ تشڪیل ۾ سائین جي ایم سید پھرین مرحلي ۾ وڏو ۽ بنیادي ڪردار ادا ڪیو, جیتوڻیڪ ورھاڱي کان اڳ فڪر ۽ ادب جي میدان تي اھو ڪم شاندار نموني سائین محمد ابراھیم جویو، شیخ ایاز شروع ڪري چُڪا ھئا، انھن ۾ سیاسي موقف جي حوالي سان ھڪ حد تائین حَشو ڪیولراماڻي کي بہ ڳڻي سگھجي ٿو. سنڌ جي شروعاتي وطن دوست ترقی پسند قومي ۽ عوامي شاعري جي حوالي سان گدائي, ڪشن چند بیوس ۽ ڪامریڊ حیدر بخش جتوئيءَ جو بہ اھم ڪردار ھو. پر ان حوالي سان قومیت جي سیڪیولر فڪر جي بنیاد تي وڌیڪ منظم ۽ سیاسي تفڪر جي چِٽائيءَ سان جنھن ڏاھي علمي ۽ فڪري ڪم ڪیو اھو سائین جي ایم سید ھو.
سائین جي ایم سید ورھاڱي کان پوءِ سنڌ جي ان سیڪیولر قومي بیانیي جي تشڪیل ۾ بنیادي ڪردار ادا ڪیو جنھن کي ردِ بیٺڪیتي نقطہ نظر چئي سگھجي ٿو. جیئن تہ سیاسي بیانیي جي تشڪیل ھڪ زندھ ۽ ارتقا پذیر تاریخي عمل ھوندو آھي, انڪري ان ۾ بعد ۾ رسول بخش پلیجي اڻویھین ۽ ویھین صدین جي مارڪسي, لینني ۽ فڪرِ مائو ی تنگ توڻي ھوچي منھ جي انقلابي بنیادن تي عوامي انقلابي تفڪر جا رنگ ڀریا پر انجو ابتدائي سڄو بنیادي ڍانچو سائین جي ایم سید جو جوڙیل ھو. سائینءَ جي تشڪیل ڏنل قومي بیانیي ویھین صديءَ جي سنڌ کي پنھنجي تاریخ ۽ سڀیتا سان جوڙي, سنڌ جي وجودي تاریخي سُڃاڻپ کي اھڙي علمیت، سیاسي فڪر ۽ سیڪیولر بنیادن تي اُڀاریو جو بیٺڪیتي دور جي پیدا ڪیل احساس ڪمتري ۽ تاریخ جون مسخ ڪیل فرضي حقیقتون پیر کوڙي نہ سگھیون. اھو ڪم بہ ھڪ تسلسل ھو جنھن جو علامتي جھانُ شاھ لطیف ارڙھین صديءَ ۾ جوڙي ویو ھو پر نئین دور ۾ انجي نئین, چِٽي سیاسي ۽ فڪري تشڪیل جي گھرج ھئي۔ سائین جي ایم سید جو ڪتاب “سنڌوءَ جي ساڃاھ” ان ئي ردِ تشڪیل جي نقطہ نظر جي تشڪیل ھئي. جیتوڻیڪ ان ۾ سائین ڪٿي ڪٿي محبت جي جذبي جي بیساختہ اثر ۾ رومانوي مبالغي جو بہ شڪار ٿیو آھي پر بنیادي طور اھا سنڌوءَ جي ساڃاھ جي سیاسي دریافت ۽ نئین سر تشڪیل جي ھڪ ڪامیاب ۽ اثرائتي علمي ۽ فڪري ڪوشش ھئي. ھونئن بہ 19ھین ۽ ویھین صدیون ٻین نظرین سان گڏ جدید قومي نظرین ۽ قومي ریاستن جي تشڪیل جون صدیون ھیون. سائین جي ایم سید سنڌي قوم جي تفڪر جي تشڪیل انھن جدید سیڪیولر بنیادن تي ڪرڻ جي عقلي ۽ ڪامیاب ڪوشش ڪئي. سڌي بیٺڪیتي دور کان پوءِ ان سیاسي تفڪر جي تشڪیل حقیقت ۾ ٻین پاسن سان گڏ بیٺڪیتي رد تشڪیل جو ڪردار ادا ڪیو. جنھن پھرین مرحلي ۾ سڌيءَ ریت کڻي عوام کي متاثر نہ ڪیو پر ان سنڌ جي عالمن, ادیبن, شاعرن, سیاسي ۽ سماجي ڪارڪنن کي غیر معمولي انداز ۾ متاثر ڪیو. ون یونٽ جي دور ۾ جنھن ڏاھي جي تفڪر سنڌ جي شعور کي گھڻي ۾ گھڻو متاثر ڪیو اھو سائین جي ایم سید ھو ۽ انجو سبب اھا سنڌوءَ جي ساڃاھ ھئي جنھن کي ھن سیڪیولر قومي سوچ جي بنیاد تي اُڀاریو ھو.
2) بیٺڪیتي دور سڌيءَ ریت تہ کڻي 1947 ۾ پنھنجین داخلي ۽ خارجي مجبورین سبب موڪلایو پر جیڪو ملڪ ٺھیو اھو نہ رڳو نیو-بیٺڪیتي دور جو رول ماڊل ھو پر اھو مقامي قومن، سندن تاریخي سُڃاڻپن, سندن ٻولین, عوامي ثقافتن ۽ انھن جي سڀ طرفن جائز مفادن خلاف ان حد تائین ویو جنھن جو خود بیٺڪیتی دور ۾ بہ تصور یا بدترین تجربو موجود نہ ھو. پاڪستان ۾ ریاست تي قابض حڪمران طبقي جنھن ۾ پھریان ٻہ ٽي ڏھاڪا پنجابي-پناھگیر ڳٺجوڙ جو تسلط رھیو, ان ماڳھین پنھنجو سڄو ڪوڙو نظریاتي ڍانچو قومن جي وجود، خودمختاري, سندن تاریخي ٻولین, حقِ حڪمراني جي انڪار ۽ سندن تھذیبي ۽ ثقافتي ورثي بجائي مذھب جي بنیاد تي رکیو, جڏھن تہ نالو انجو وفاق رکیو ویو. دنیا ۾ حقیقي جمھوري وفاقیت جو بنیاد رضامندي, عدم مرڪزیت, ٻَھَڳُڻائپ ۽ مقامي خودمختاريءَ تي مشتمل ھوندو آھي. نئین صورتحال ۾ نئین ڦورو ۽ ٺَڳ حڪمران طبقي ریاست تي قبضو ڪري, پنھنجو سڄو نظریاتي ڍانچو مذھب ۽ ھڪ قومي نظریي تي رکیو, جنھن جو ڪوبہ مثال دنیا جي ڪنھن بہ جمھوري وفاقي ریاست ۾ نہ موجود آھي ۽ نہ ممڪن آھن. ماڳھین انجي ابتڙ ڪینیڊا, نائیجیریا, اسپین, برازیل, ارجنٽینا ۽ بیلجیم جھڙا اڳ ۾ سخت مرڪزیت پسند ملڪ بہ تاریخ جي تلخ تجربن مان گذري عدم مرڪزیت ڏانھن راغب ٿیا. ان سڄي ٺَڳيءَ جي ٺاھَ کي “ریاستي بیانیو” چئجي ٿو, جنرل حمید گل انکي ملڪ جون نظریاتي سرحدون سڏیندو ھو. سنڌ ۾ ان جو جنھن مدبر وڏي بھادريءَ, تاریخي شعور ۽ دلیلن سان تفڪر جي صورت ۾ ڍینگو ڍیري ڪیو, اھو سائین جي ایم سید ھو.
سائین جي ایم سید ریاستي بیانیي جي ھڪ ھڪ عنصر کي ڪتابَ ۽ مدلل مقالا لکي رد ڪیو. ریاستي بیانیو قومن جي وجود جو انڪاري ھو تہ سائینءَ انکي “سنڌوءَ جي ساڃاھ” سان رد ڪیو, ریاستي بیانیي سنڌي ٻوليءَ کي تسلیم ڪرڻ کان انڪار ڪیو تہ سائین جي ایم سید سنڌ جي قومي ٻوليءَ جو ڪیس لکیو, اھو ڪم ڪامریڊ حیدر بخش جتوئيءَ ۽ سائین محمد ابراھیم جویي ۽ سراج بہ شاندار نموني ڪیو. ریاستي بیانیي قوم جي عوام مٿان پاڪستاني مسلم قومیت جي وحدانیت جي منصوبي ھیٺ ھندستاني ڪلچر مڙھڻ جي ڪوشش ڪئي تہ سائین جي ایم سید نہ رڳو سنڌي ڪلچر جي سیاسي شعور سازي ڪئي پر ون یونٽ جي دور ۾ سنڌ ۾ قومي شعور جي حامل ثقافتي شعور جو تحرڪ بہ پیدا ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪیون. ریاستي بیانیي اقبال کي پنھنجي نمائندہ مفڪر طور پیش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر سائین جي ایم سید انجي رد ۾ “پیغامِ لطیف” جھڙو شاندار ڪتاب لکي جوابي بیانیو اُڀارڻ جي ڪامیاب عالمانہ ڪوشش ڪئي. پیغامِ لطیف جي سامھون اقبال جي پین اسلام ازم ۽ مذھبي نرگسیت وارو متضاد ۽ مفروضاتي فڪر پیرَ نہ کوڙي سگھیو. ریاستي بیانیي نصابي ڪتابن ذریعي محمد بن قاسم, اورنگزیب عالمگیر ۽ محمود غزنويءَ جھڙا جُڙتو ھیرا پیدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ سائینءَ سنڌ ۾ ڏاھر، دودي ۽ دریا خان جھڙا ھیرا پنھنجي تاریخ مان نئین سیاسي شعور سان دریافت ڪري نئین نسل آڏو پیش ڪیا. اھو سائین جي ایم سید جي ردتشڪیل جو ئي نتیجو ھو جو سنڌ ۾ ریاست جو مذھبي ۽ وحدانیت وارو نقطہ نظر بیھي نہ سگھیو. ان ۾ وڏي ڪمال جي ڳالھ اھا ھئي تہ سائین جي ایم سید لطیف سائینءَ جي “عالم سڀ آباد ڪرین” واري لطیفي فڪر جي ڇڏیل فڪري نشانن تي پیر رکي پیغامِ سنڌ کي جن ٽن آدرشن جي ٿنڀن ۽ ٿوڻین تي اُڀارڻ جي ڪوشش ڪئي, اُھي ھئا “وحدت انساني, امن عالم ۽ ترقيءِ بني آدم”. اھا ھڪ سھڻي تعبیر ھئي تہ سنڌ جي تاریخي ۽ قومي مفادن کي دنیا جي قومن ۽ انسان سان ٽڪراءَ ۾ نہ انھن سان وسیع تر وحدت ۾ ڏسڻو ھو.
3) سائین جي ایم سید جي قومي بیانیي جو ٽیون اھم بنیاد سیڪیولر قومیت جو تصور ھو. اھو تصور سنڌ ۾ سائین جي ایم سید کان اڳ سائین محمد ابراھیم جویو تحریري صورت ۾ ۽ حَشو ڪیولراماڻي زباني موقف جي صورت ۾ پیش ڪري چُڪا ھئا جن کان خود سائین جي ایم سید ۽ شیخ ایاز بہ متاثر ٿیا ھئا. خود سائین جي ایم سید بہ ان حوالي سان انیڪ تلخ تجربن ۽ ڪیل سنگین غلطین مان گزري چڪو ھو، جنھن جو ھن بعد ۾ برملا ۽ بار بار ذڪر ۽ اعتراف ڪیو. چوندا آھن “جیڪا ڀُلي ڀُلي ڀاڻِ آئي, اُھا بہ نہ ڀُلي! سو سائین بہ اھي تجربا ڪندو نیٺ سیڪیولر قومیت جي جدید تصور ۽ تفڪر تائین پھتو ھو. سائین جي ایم سید جي ان پاسي کي سمجھڻ لاءِ انجي پس منظر جي ٻن پاسن کي سمجھڻ ضروري آھي. یعني ھڪ انجو خارجي پاسو ھو ۽ ٻیو انجو داخلي پاسو ھو. خارجي پاسو تہ اسان مٿي بحث ھیٺ آڻي چُڪاسین تہ ریاست جو بیانیو مذھب ۽ قومن جي انڪار تي ٻڌل ھو پر انجو ھڪ داخلي پاسو بہ آھي. اھو قوم جي اندر مذھب جي بنیاد تي امڪاني تضاد کي اُڀارڻ جو ھو. مثال طور پنجاب ۾ مسلمانن سان گڏ سِکَ ۽ ھندو بہ وڏي آبادي طور موجود ھئا پر ٻہ قومي نظریي ۽ ریاستي نقطہ نظر جي اثر ۾ پنجاب جي مسلمانن وٽ ھاڻي اھو تصور ئي موجود ناھي تہ ڪو اُھي آبادیون بہ پنجابي قومیت جو حصو آھن. ورھاڱي جي نتیجي ۾ قتل عام ۽ ریاستي بیانیي سندن شعور مان تاریخ جي اھا زندھ حقیقت ئي روڙي ڪڍي ڇڏي تہ ڪو پنجابي قوم جو مطلب رڳو اڄوڪا مسلمان نہ پر سِکَ ۽ ھندو بہ آھن.ھاڻي تہ پنجابي ادب، موسیقي ۽ ٻولي بہ گھڻي ڀاڱي سِکن جي ڪري پنھنجو وجود بچایو اچن نہ تہ مسلمان ۽ خاص طور شھري مسلمان پنجابي پنھنجي ٻولي گھڻي ڀاڱي ڇڏي چڪو آھي. اڄ سندن نئین نسل کي خبر ئي ناھي تہ جدید لاھور جو باني گنگا رام ڪیر ھو؟ یا بابا نانڪ ۽ شاھ حسین جي سورھین صدي جو پنجابي شاعر دموندر ڪیر ھو؟ ساڳیو حال سرحد جي پشتونن جو ٿیو، جتي اڄ سک ۽ ھندو آڱرین تي ڳڻڻ جیترا بہ ناھن ۽ نہ مسلمان پشتون انھن کي پنھنجي وجود جو حصو سمجھي ٿو. جیتوڻیڪ باچا خان ھڪ مذھبي پر سیڪیولر ماڻھو ھو، پر ھو پشتون سماج ۾ قوم جي سیڪیولر تصور کي بچائي نہ سگھیا.
سنڌ ۾ سیڪیولر قومي تصور اسانجي قومي, ثقافتي, سماجي ۽ سیاسي شعور جو لازمي حصو بڻجي ویو ۽ اھو وقت سان وڌیڪ سگھارو ٿیندو ویو. سنڌ ۾ مذھبي انتھاپسندن جي بہ مجال ناھي جو ان حقیقت کان انڪار ڪن تہ سنڌي ھندو یا دراوڙ سنڌي قوم جو حصو ناھن. جڏھن ڀُوري ڀیل جو لاش ٻاھر ڪڍي ڦِٽو ڪیو ویو تہ سڄي سنڌ جي شعور ھڪ آواز ٿي چیو تہ “مان بہ ڀیل آھیان!”. اھڙا انیڪ مثال ویجھي ماضيءَ ۾ اسانجي سامھون آھن. ائین سازگار ماحول سبب اسانجي سنڌي ھندن جیڪي ڌرتيءَ جا اصلوڪا وارث آھن, انھن بہ پنھنجي سنڌي قوم جي اڻ ٽُٽ حصي ھئڻ تان ڪڏھن بہ ھٿ نہ کنیو، نہ ئي ڪنھن فسطائي ٽولي کي اھا جرعت ٿي سگھي تہ اُھي جبري طور کانئن ھٿ کڻائي سگھن.پنجاب ۽ خیبرپختونخوا ۾ اھي ٽولا ۽ ریاستي نقطہ نظر ڪامیاب ویا, جیڪو ڪنھن تاریخي ڏوھ کان گھٽ ناھي. اھا اسانجي گڏیل ترقي پسند ۽ وطن دوست سیاست, ادب ۽ شعور جي سوڀَ آھي جو سنڌ ۾ ریاستي نقطہ نظر جو مذھبیت تي ٻڌل نام نھاد قومي منصوبو ڪامیاب ٿي نہ سگھیو. ان حوالي سان سائین جي ایم سید جي سیڪیولر قوم جي تفڪر بہ اھم ڪردار ادا ڪیو آھي.
مٿي ذڪر ھیٺ آیل سببن جي ڪري سنڌ جي سماج ۾ بہ وڏیون تبدیلیون آیون آھن, جن جون ڪجھ جھلڪیون اسان ڊاڪٽر شاھنواز جي قتل کان پوءِ ہنھنجي آس پاس ڏٺیون ۽ شدت سان محسوس ڪیون. سٺ جي ڏھاڪي ۾ چند فرد ۽ محدود ٽولا ھئا جن سنڌ جي اُڀرندڙ ترقي پسند ۽ سیڪیولر قومي تفڪر ۽ ادب خلاف وڏو ڌمچر مچایو ھو جن کي مولانا گرامي, رسول بخش پلیجي, ابن حیات پنھور ۽ مجموئي طور سنڌ جي شعور گڏجي علمي ۽ ادبي میدان تي شڪست ڏني ھئي پر ھاڻي اھو زھر سماج ۽ عام سطح تي بہ ماڻھن جي ذھني رڳن ۾ گھڙي آیو آھي. مان مذھب جي نہ پر مذھب جي نالي ۾ جنونیت, جھالت ۽ انتھاپسنديءَ جي ڳالھ ڪري رھیو آھیان. سنڌ ۾ روشن خیال ۽ انسان دوست مذھبي روایت مسلمانن توڻي ھندن ۾ صدین کان عام رھي آھي, ھيءَ نئین لھر ریاست, عالمي سامراجي قوتن ۽ سعودي توڻي ایران جھڙن ملڪن ھٿ وٺي پیدا ڪئي آھي, ان فرقہ واریت ۽ جنونیت جو نبي سائین جي دین سان ڪوبہ تعلق ناھي. انڪري موجودہ حالتن ۾ جیتري مذھب جي روشن خیال ۽ روادار تشریح توڻي سیڪیولر قومي تفڪر جي جیتري گھرج اڄ آھي، شاید اھا ماضيءَ کان سوین نہ پر ھزارین ڀیرا وڌیڪ آھي.
سائین جي ایم سید جو دریافت ڪیل ۽ تشڪیل ڏنل پیغامِ سنڌ دراصل سنڌوءَ جي تھذیبي ساڃاھ ۽ جدید سیڪیولر قومي سوچ جو تخلیقي امتزاج ھو, جنھن سنڌ کي نہ رڳو بیٺڪیتي احساسِ ڪمتريءَ مان ڪڍیو پر ان پاڪستان ۾ ریاست جي جوڙیل وحداني ۽ قومن جي وجود جي انڪاري بیانیي کي زمین تي پیر کوڙڻ نہ ڏنا, جیڪو ھڪ غیر معمولي ڪم ھو ۽ آھي. شرط رڳو اھو آھي تہ انکي میڪانڪي انداز ۾ ۽ جامد صورت ۾ بیھاري نہ ڇڏجي. قومن یا تھذیبن جو “روحِ عصر” یعني تاریخ جو عوامي ثقافتي جوھر ھڪ زندھ ۽ مسلسل ارتقا پذیر مظھر ھوندو آھي ۽ انجي حفاظت تنقیدی، عوامي ۽ متحرڪ انداز ۾ جاري رکڻ گھرجي.



Comments
Post a Comment